آکيا سچل ني

آکيا سچل ني

آکيا سچل ني

آکيا سچل ني (ڪتاب): پنجابي زبان جي مشهور اسڪالر شفقت تنوير مرزا، هي ڪتاب پنجابيءَ ۾ لکيو آهي ۽ پنجابي ادبي بورڊ جي ڪلاسيڪي شاعرن ۽ شاعريءَ بابت ڇپيل ڪتابن جي 20 ڪڙيءَ طور شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ شفقت مرزا جو لکيل 58 صفحن جو طويل مقدمو ’سچل سائين سنگ سنجهه‘ وڏي اهميت جوڳو آهي، جنهن ۾ هن اعتراف ڪيو آهي ته، ”جڏهن انگريز برصغير ۾ آيو ته هن سنڌين کي ماءُ جي ٿڃ تي ڇڏي (يعني سنڌي زبان پڙهائيءَ جو ذريعو بڻي) ۽ پنجابين کي ’سُڪي کير‘ (پائوڊر ملڪ) تي تاتڻ شروع ڪيو. ائين پنجابي بابا فريد، بلهي شاهه، سلطان باهو، خواجه فريد ۽ وارث کي ئي ڀلجي ويا.“ هن تاريخي مهاڳ ۾ فاضل ليکڪ سچل سرمست جي دور جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن جو تفصيلي تنقيدي جائزو ورتو آهي ۽ انهن حالتن جي پسمنظر ۾ سندس شاعريءَ تي روشني وڌي آهي. هن مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور سان گڏ انگريز جي آمد ۽ سازشن جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ سچل جي انسان شناسي، وطن دوستي، مستقبل بيني، سماجي ۽ قومي ايڪتا واري پيغام کي تحقيقي ۽ تنقيدي جائزي هيٺ پيش ڪري هڪ محقق جو حق ادا ڪيو آهي.
تفصيلي مقدمي/ مهاڳ کانپوءِ سچل سائينءَ جي دعا (ننگڙا نماڻي دا . . . ) ۽ نعت ڏئي، حسن ۽ عشق هيٺ دوهيڙا ۽ سروار ڪافيون ۽ جهولڻا ڏنا آهن. ان بعد هير رانجهو بابت ٻه ٽيهه اکريون ۽ مختلف سرن تي مشتمل ڪافيون ڏنيون ويون آهن. اهڙيءَ ريت تصوف عنوان هيٺ پڻ مختلف سرن مان ڪافيون ڏنيون ويون آهن. آخر ۾ سر ريختو بروو هيٺ ڇهه اردو غزل ڏنا ويا آهن. ڊيمي سائيز جي 424 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، پاڪستان، پنجابي ادبي بورڊ لاهور، جنوري 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو